خانقاهه ترابي

خانقاهه ترابي: هيءَ خانقاهه شيخ ابوتراب نالي بزرگ جي آهي، جنهن بکر جو قلعو فتح ڪيو. هيءُ مقبرو ’گجر‘ کان ٽي ميل ڏکڻ اولهه طرف، ٿرڙي مڪان، تعلقي ميرپورساڪري ۾ آهي. تاريخي روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ بزرگ خليفي هارون رشيد جي زماني ۾ سنڌ ۾ مهم دوران شهيد ٿيو هو. هن روضي تي سال 171هه/ 787ع جو ڪتبو لڳل آهي. ان لحاظ کان هن درگاهه کي سنڌ ۾ پراڻي درگاهه تسليم ڪيو ويو آهي. سما دؤر ۾ ڄام جوڻي هن بزرگ جي مزار تي گنبذ ٺهرايو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو